”شاهه رخ خان جي گهرواري سان شاهه رخ خان جي ڪَري ئي ويڌن“

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي انڊيريئر ڊزائنر ۽ پروڊيوسر گوري خان اعتراف ڪيو آهي ته شاهه رخ خان جي گهرواري هجڻ جي ڪري کيس ڪيترائي ڀيرا ڪيريئر جي حوالي سان مسئلا پيش ٿيا آهن.

ڀارت جي مشهور شو ڪافي ود ڪرن جي ستين سيزن جي ٻارهين قسط ۾ پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شاهه رخ خان جي گهرواري جي حيثيت سان ڪيترا ڀيرا مونکي فائدي بدران نقصان پيو آهي.

گوري خان ٻڌايو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن شاهه رخ خان جي گهرواري هجڻ جي ڪري ماڻهو ماڻهو گڏ ڪم ڪرڻ تي راضي به ٿي ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو وري شاهه رخ جي گهرواري هجڻ جي ڪري گڏ ڪم ڪرڻ سان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن.

هن چيو ته جڏهن به ڪو نئون پراجيڪٽ شروع ٿيڻ وارو هوندو آهي ته ماڻهو مونسان رابطو ناهن ڪندا، منهنجي خيال ۾ ماڻهو شاهه رخ جي گهرواري سان ڪم ڪرڻ واري ڳالهه سان جڙڻ نٿا چاهين ڇو ته هو تمام وڏو اسٽار آهي، شاهه رخ جي گهرواري هجڻ پنجاهه سيڪڙو ان جي خلاف وڃي ٿو.

واضح رهي ته گوري خان باليووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارن جي گهر جو نقشو ٺاهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.