ناليوارو ڀارتي ڪاميڊين راجو شري واستو ديهانت ڪري ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ناليوارو ڪاميڊين ۽ اداڪار راجو شري واستو اٺونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي خاندان ۽ مداحن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجو شريف واستو کي ڏهه آگسٽ تي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جتي هو هن وقت تائين علاج هيٺ هو ۽ هاڻي گهرڀاتين پاران سندس ديهانت جي تصديق ڪئي وئي آهي.

راجو شري واستو کي پهرين سيپٽمبر واري ڏهاڙي تي وينٽي ليٽر تي ان وقت منتقل ڪيو ويو جڏهن علاج جي باوجود سندس بخار گهٽ نه پئي ٿيو. جڏهن هو اڄ ايڪويهه سيپٽمبر جي صبح تي دهلي جي هڪ اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.

ياد رهي ته راجو شري واستو کي ورزش ڪندي دل جو دورو پئجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.