” حساس معلومات رکندڙ پنج سئو کان مٿي ماڻهن پاڪستاني شهريت ڇڏي ڏني“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( پي اي سي ) جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته حساس ڄاڻ رکندڙ پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستنا ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني شهريت ڇڏي ويا.

نادرا چيئرمين طارق ملڪ جي انڪشاف تي پي اي سي پاڪستاني شهريت ڇڏڻ وارن جي فهرست طلب ڪري ورتي آهي.

اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين نور عالم خان سوال ڪيو ته نادرا ۾ ڪرپشن تي ڪيترن ماڻهن کي نيڪالي ڏني وئي، جنهن تي نادرا چيئرمين جواب ڏيندي چيو ته 43 ماڻهن کي ڪرپشن جي الزامن جي بنياد تي اداري مان ڪڍيو ويو جڏهن ته 2600 ماڻهن  خلاف جاچ هلندڙ آهي.

نور عالم خان چيو ته ڪرپشن جي بنياد تي ڪڍيل ماڻهن کي ٻيهر به ڀرتي ڪيو ويو، جنهن تي ڪميٽي نيڪالي بعد ٻيهر ڀرتي ٿيندڙن جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.