صحت کاتي حڪومت کان ڀارت مان مڇرداڻيون خريدڻ جي اجازت گهري ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري وزارت حڪومت کان ڀارت مان مڇرداڻيو خريدڻ جي اجازت طلب ڪري ورتي آهي.

نيشنل مليريا ڪنٽرول پروگرام موجب پاڪستان جي ڇويهه ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ڄاڻايل ضلعن ۾ فوري طور 71 لک مڇرداڻين جي ضرورت آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل گلوبل فنڊ ادارو فوري طور تي ڀارت کان مڇرداڻيون خريد ڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ايڏي وڏي انگ ۾ مڇرداڻيون فوري طور تي ڀارت کان خريدي سگهجن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.