نيب قانونن ۾ ترميم، هاڻي ڪهڙن ڪيسن تي ڪارروائي ٿيندي؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب قومي احتساب ترميمي ايڪٽ 2022 تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب بابت نئين قانون عملدرآمد ڪيو ويندو.

نيب پڌرائي موجب 50 ڪروڙ کان مٿي جا ڪرپشن جا ڪيسز ورتا ويندا ۽ فراڊ وارن ڪيسز ۾ متاثرن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 100 هجڻ تي ڪيس ورتو ويندو .

نيب جو چوڻ آهي ته احتساب عدالتن وٽان واپس موڪيل ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن اُماڻيا ويندا.

نيب پڌرائي موجب خانگي ماڻهن ڏانهن ريفرنس قانون پٽاندڙ ڪارروائي لاءِ واپس موڪيا ويندا ۽ واپس اُماڻيل ڪيسز لاڳاپيل اختيار رکندڙ عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.