وڏو وزير گهوٽڪي پهتو، ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون

 

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

دوري دوران وڏي وزير کي ٻوڏ متاثرن کي ڏني ويندڙ صحت جي سهولتن جي بريفنگ ڏني وئي.

صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ آيو آهيان، هتي پاڻي جي نيڪالي ۽ صحت جا مسئلا آهن.

هن چيو ته ڊي ايڇ او کي صحت جي بهتري لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن ۽ انتظاميا کي پاڻي جي نيڪالي لاءِ قدم کڻڻ جو به چيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان متاثرن جا مسئلا حل ڪنداسين، تنهن ڪري هتي آيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.