عمران خان مسلسل حدون اورانگهي رهيو آهي، اهڙي شخص کي جيل ۾ هجڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان مسلسل حدون اورانگهي رهيو آهي آهي، هن ملڪ جي هر اداري کي تقراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ته سندس پسند جو آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي اها ڪوشش آهي ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نه ٿئي، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيو ته پي ٽي آءِ وارا ڀڄي ويندا.

هن چيو ته عمران خان ڊڄڻو شخص آهي جيڪو مسٽر ايڪس ۽ واءِ جو نالي به نٿو کڻي سگهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي سياست سنڌ مخالف رهي آهي، پي ٽي آءِ رڳو سوشل ميڊيا جي بنياد تي هلي رهي آهي، انهن وٽ عوامي سگهه ناهي، ملڪ هن وقت ٻوڏ جهڙي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هي وري نفرت واري سياست ڪري رهيو آهي اهڙي شخص کي جيل ۾ هجڻ گهرجي، هن ملڪ جي هر اداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي .

صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا لکين ٻوڏ متاثرن کي کاڌو فراهم ڪري رهي آهي، سڄي صوبي ۾ ڊينگي جا 44 وارڊز قائم ڪيا ويا آهن، مقامي انتظاميا طرفان ڊينگي ۽ مليريا جي اسپري ڪيا پيا وڃن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جو سڄو ڌيان هن وقت پاڻي نيڪال ڪرڻ تي آهي، پاڻي جي نيڪالي کانپوءِ ئي ٻيون سرگرميون ڪنداسين، حڪومت جو فوڪس آهي ته جن جا گهري ڊهي ويا آهن انهن کي نوان گهر ٺاهي ڏنا وڃن.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”عمران خان مسلسل حدون اورانگهي رهيو آهي، اهڙي شخص کي جيل ۾ هجڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ“
    ”صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا لکين ٻوڏ متاثرن کي کاڌو فراهم ڪري رهي آهي.“، بلڪ هنن جي واتان گرھ کسي پنهنجو پيٽ ڀري رھيو آھي ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن کي کائڻ ڪونه ٿو اچي! کين کائڻ پيئڻ وسري ويو آھي!، کاڌو ضايع ٿيڻ بجائي وزيرن ۽ مشيرن کي چڱئَ طرح کائڻ اچي ٿو تنهنڪري خوب کائين ٿا!! ۽ کائي رھيا آھيون. دلجاءِ ڪريو اسان 2010 ۾ به خوب کاڌو ۽ هينئر به کائي ڏيکارينداسين.ا.
    ”سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جو سڄو ڌيان هن وقت پاڻي نيڪال ڪرڻ تي آهي، پاڻي جي نيڪالي کانپوءِ ئي ٻيون سرگرميون شروع ڪنداسين، حڪومت جو فوڪس آهي ته جن جا گهر ڊهي ويا آهن انهن کي نوان گهر ٺاهي ڏنا وڃن.“ انھئَ ڪري کين في الوقت طنبو ۽ خيما ڪونه پيا ڏيون ۽ في الحال امداد ۾ مليل سڀڪجھ وڪڻي رھيا آھيون، وڪرو جاري آھي ۽ پوءِ انهن پئسن مان کين نوان ۽ پڪا گھر ٺھرائي ڏينداسين!!ا
    مشھور و معروف سياسي نجومئَ کان ”شر جيل انعام“ جي تجزيه ۽ تشريح بابت سوال ڪيائون جيڪو عن ريت بيان ڪيو ”شر“ معني سٺو آھي ته هو ”جيل“ يعني قيد ڪيو وڃي، ۽ اھو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ واسطي بهتر ”انعام“ آھي، حاصل مطلب ته هن شخص کي جيل ۾ واڙيو وڃي!!!ا

Leave A Reply

Your email address will not be published.