ملڪ هن وقت ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جون تباهيون دنيا آڏو آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري وڊيو پيغام شهباز شريف چيو ته ٻوڏ صورتحال بابت جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ٻارڙ غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته ٻارڙن جي خوراڪ کي وڌ کان وڌڪ گڏ ڪري عطئي طور تي ڏني وڃي، هن وقت پاڪستتان وڏي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي.

ان کان اڳ ٽوئٽر بيان ۾ شهباز شريف چيو هو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهي کان آگاهه ڪيو.

وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت کي اجاڳر ڪيو، اهو به ٻڌايو ته پاڪستان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ڀائيواري جو خواهشمند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.