پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائن واريون درخواستون خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائن واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن وارين درخواستن تي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي استيعيفائن جي منـظوري لاءِ درخواستون 2015 ۾ داخل ڪيو ويون هيون.

تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته استعيفائن جو معاملو 2013 جي اسيمبلي بابت آهي، 2013 جي اسيمبلي جو مدو 2018 ۾ ختم ٿي چڪو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پوءِ هي معاملو غير اثرائتو ٿي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ استعيفائن جي منظوري جي درخواست غير اثرائتي هجڻ تي خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.