پنڊي ۽ آبپاره تي باهوڙ لاءِ چڪوال مورچي جي چونڊ ڇو !

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پنڊي ۽ آبپاره تي باهوڙ لاءِ عمران خان چڪوال جي مورچي جي چونڊ ڇو ڪئي ۽ ڪنهن کي ڪهڙو پيغام ڏنو.

نامياري صحافي اسد طور جو چوڻ آهي ته چڪوال ۾ جلسي جا سمورا انتطام نجف  حميد ڪيا جيڪو بهاولپور جي ڪور ڪمانڊر جو ڀاءُ هجڻ سان گڏ پاڻ به  ملازم آهي، ان ئي  جلسي ۾ عمران خان تقرير ڪندي ڪور ڪمانڊر جنرل فيض  حميد جي سپهه سالار تي حملا ڪيا ۽ نجف حميد تاڙيون وڄائيندو رهيو  اها  جرئت ۽ طاقت عمران کي ڪٿان ملي جو هو باهه جو شعلو  بڻجي ادارن ۽ سربراهن تي ڪڙڪي پيو يا اهو سمجهيو وڃي ته ظاهر ۾ عمران خان هو  ۽ گولاباري ڪندڙ اصل قوت ان پٺيان هئي، جيڪا عام خلق کان اوجهل هئي.

  مسلسل چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي سسٽم مان مدد ملي رهي آهي. سو وقت گذرڻ  سان گڏ اها ڳالهه نه صرف سچ ثابت ٿي رهي آهي، پر جنرل شجاع پاشا، جنرل ظهير کانپوءِ  عمران خان جون باقي بيساکيون به وائکيون ٿي رهيون آهن.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 2022-09-21 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.