عدالت ٻن سالن جي محنت ضايع ڪري ڇڏي، مريم پر اعتماد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز ڪيس جي اپيل ۾ ادارن جي ٻن سالن جي محنت آخرڪار ضايع ڪري ڇڏي ۽ نواز شريف جي واپسي لاءِ  رستي جي صفائي شروع ٿي وئي آهي.

نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته نيب جو وڪيل مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو نتيجي ۾ انيدڙ  شنوائي 29 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي، اڄ  جسٽس شوڪت صديقي جي ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي ته مريم ۽ نواز شريف کي بنا ثبوتن جي هڪ شخصيت جي چوڻ تي سزائون ڏنيون ويون هيون، جنهن جسٽس شوڪت صديقي کي چيو هو ته جيڪڏهن نواز شريف ۽  مريم کي سزا نه ڏني وئي ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، حالتن مان اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته ادارا هاڻي آهستي آهستي غيبي مخلوق جي جڪر مان آزاد ٿي رهيا آهن، شايد ! محسوس ڪيو اٿائون ته هاڻي هوائن جو رخ  تبديل ٿي چڪو آهي نه فون جون گهنٽيون ٿيون وڄن ۽ نه ئي ٻاهران ايندڙ اندر اچڻ شرط دروازا بند ڪن ٿا، ان ڪري انصاف جي مسند تي ويٺلن جي ٻولي ۽ رويا به تبديل ٿيندا نظر اچي رهيا آهن.

ان ڪري هاڻي اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته سسٽم پنهنجي مقرر حدن ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو آهي، انڪري  نواز شريف جي نااهلي ختم ٿيڻ ۽ ضمانت تي وطن ورڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.