اسحاق ڊار اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي.

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي.

اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ چاهيون ٿا.

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار پاران درخواست واپس وٺڻ کانپوءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي.

درخواست خارج ٿيڻ کانپوءِ اسحاق ڊار کي اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏيڻ جو عدالتي فيصلو برقرار آهي.

ياد رهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ لڳاتار غير حاضري تي عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏنو هيو، اسحاق ڊآر عدالت فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.