ميرپورخاص: برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) تعلقه حسين بخش مري جي يونين ڪائونسل ترڪ علي مري جي سوين برسات متاثر ماڻهن ۽ سول سوسائٽي  جو برسات متاثر علائقن ۽ زرعي زمينن مان برساتي پاڻي جي نيڪال، متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ علاج جون سهولتون فراهم نه ٿيڻ خلاف ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ٽول پلازه وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻون هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو سوين متاثرن پاران ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ڌرڻون هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي اڳواڻن منظورميمڻ، لالا اظهر، عباس ٿيٻو، مهراڻ ٿيٻو، نواز ٿيٻو سهراب مري، عبدالطيف، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته تعلقه حسين بخش مري جو اسسٽنٽ ڪمشرن ۽ مختيار ڪار برسات متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان حقيقي متاثرن ۾ ورهائڻ جي بدران سياسي بنيادن ۽ من پسند ماڻهن ۾ امداد ورهائي رهيا آهن هزارين متاثر امداد لاءِ وانجھائي رهيا آهن سندن نالي تي آيل امداد ڪرپشن جي ور چڙهي رهي آهي هنن چيو ته متاثرن لاءِ آيل فنڊن ۾ متاثرن جي نالي تي لکن ڪروڙين روپين جون مشينون، تيل، دوائون، راشن خريد ڪرڻ جا بل ٺاهي پنهنجا ڀڀ ڀريا پيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.