عمران ۽ فواد توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيا

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري  اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪميشن  واري شوڪاز نوٽيسز کي چئلينج ڪري ڇڏيو.عمران خان فواد چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري توهين الڪيشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيسز لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ چئلينج ڪيا.عمران خان ۽ فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت جو اختيار حاصل ناهن، آئين موجب عدالتي اختيار اتنظامي ادارن جي حوالي نٿا ڪري سگهجن.درخواست جي متن موجب اليڪشن ڪميشن جا قانوني نوٽيسز آئين ۽ قانون جي خلاف آهن، الڪيشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر پنهنجي خلاف مبينا توهين واري ڪيس جو پاڻ جج آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.