بيماريون پيون پکڙجن، اسان کي فنڊ نه مڇردانين ۽ خيمن جي ضرورت آهي: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ۾ چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ برطانوي ۽ نيڌرلينڊ جي ماهرن جي رهنمائي ۽  ٽيڪنيڪل سهڪار جي ضرورت پوندي ته جيئن زرعي زمينون ٻيهر سرسبز ٿي سگهن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سارا موني، ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ سينڊرا بالڊون ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر بتول زهرا شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي وڏي وزير هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جون گاريون ٻڌي به ايتري ڪاوڙ نٿي اچي جيترو انهن حالتن ۾ اليڪشن جي خبر تي اچي ٿي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ ٽي وي تي اليڪشن جي خبر اچي وڃي ته چئنل بدلائي ڇڏيندو آهيان، هن چيو ته اسان کي مڇردانين ۽ خيمن جي ضرورت آهي،غيرملڪي سفيرن کي به چيو ته اسان کي فنڊن نه خيمن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.