سنڌ تباهه ٿي وئي، عوام جو پ پ تان اعتماد کڄي ويو: محمد حسين محنتي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي سنڌ جي سرڪاري مشينري کي ناڪام ۽ نااهل ڪوٺيندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي شفافيت سان بحالي لاءِ سياسي، سماجي تنظيمن، عالمن، اين جي اوز ۽ صحافين تي ٻڌل وسيع نيٽ ورڪ جوڙِيو وڃي، جيڪو يونين ڪائونسل سطح تائين هجڻ گهرجي، اهڙو اظهار هن ڪالهه روزاني عوامي آواز هيڊ آفيس جي دوري دوران ڪيو، محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي 10 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن تائين پهچ واري دعويٰ ۾ به صداقت نه آهي، سرڪار هڪ کان 5 سيڪڙو متاثرن تائين پهچ مس حاصل ڪئي آهي باقي سڀ ڏيکاءُ آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام غلامي واري زندگي گهاري رهيو آهي، تعليم جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ٻوڏ واري صورتحال ۾ اردو ۽ پنجابي هڪ سيڪڙو متاثر ٿيا آهن پر سنڌي 99 سيڪڙو متاثر ٿيا آهن، عوام جا وڏي انگ ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ لڙهي ختم ٿي ويا آهن، فصل به نه بچيا آهن، هاڻي ايندڙ ٻئي فصل جي پوکي به ٿيندي نظر نه ٿي اچي، هن چيو ته هن پوري سنڌ جو دورو ڪيو آهي، الخدمت طرفان 30 خيما بستيون قائم ڪيون آهن، جن ۾ رهائش، راشن، مسجد، پاڻي، اسڪول ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ٻئي طرف سرڪار رڳو نمائشي ٽينٽ لڳايا آهن، ٽنيٽ ۽ ٻيو سامان سرڪاري گدامن ۽ چونڊيل نمائندن جي گدامن مان پيو ملي، هن چيو ته وفاقي وزير شازيا مري جي علائقي ۾ به اسان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي آهي، باقي ڏورانهن علائقن تائين پهچ گهڻي مشڪل آهي، جتي پڻ عوام ڦاٿل آهي پر اتي اڃا تائين سرڪار به پهچ نه ڪري سگهي آهي، اهو الميو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ محمد حسين محنتي چيو ته پ پ جو سنڌ ۾ نيٽ ورڪ وڏيرن ۽ جاگيردارن تي ٻڌل آهي، جيڪي وري علائقي جي ننڍن وڏيرن ذريعي پنهنجو نيٽ ورڪ هلائين ٿا، عوام جو پ پ تان هاڻي اعتماد کڄي ويو آهي ان جو نظارو وڏي وزير سميت وزيرن جي دورن دوران عوام جي ردعمل مان ظاهر آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ذريعي عوام کان ميونسپل ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، ان خلاف جماعت اسلامي 23 کان 25 سيپٽمبر تي عوامي ريفرنڊم ڪرائي رهي آهي، جئين عوام جي راءِ سامهون اچي، هن چيو ته ايندڙ جمعي ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاج به ڪيو ويندو.

  • جماعت اسلامي پاران امداد ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ ڪرپشن ۽ تاخير خلاف جمعي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفت ۽ سنڌ حڪومت جي غفلت سبب لکين ماڻهو پنهنجن اجهن کان محروم ٿي ڪري دربدري واري زندگي گذاري رهيا  آهن، ملڪي توڙي پرڏيهي امداد جي ورهاست ۾ به ڪرپشن ۽ دير سبب ٻوڏ سٽلين جي اهنجن ۾ اضافو ٿي رهيو هي.ڪافي ڏينهن کان پاڻي بيهڻ ڪري وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن، طبي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو درجنين ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن،80فيصد زراعت تباهه ٿي وئي آهي، پر حڪومت جي ڪن تي جُون به نٿي سُري، انڪري جماعت اسلامي طرفان سنڌ حڪومت جي امدادي سامان ۾ ڪرپشن ۽ تاخيري حربن خلاف 23 سيپٽمبر جمعي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ متاثرن سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ضلعي توڙي تعلقي هيڊڪواٽرز جي پريس ڪلب ۽ اهم مقامات تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا جن کي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ خطاب ڪندا. ان موقعي تي پريس ڪلب جو سيڪريٽري رضوان ڀٽي، صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سميت ٻيا صحافي پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.