زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جي ڦاهي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ذوالفقار سولنگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ غيرت جي نالي  تي زال کي قتل ڪندڙ جوابدار غلام رسول جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدار جي موت واري سزا کي عمرقيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار کي مقتوله جي گهروارن کي 10 لک رپيا ڏنڊ جا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، جوابدار خلاف عورت جي ڀاءُ قاري بلال احمد 2018ع ۾ ڊاڪس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.