مذهب مٽرائي مسلمان ٿيندڙ ناري تي مڙس جو تشدد، ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽ / غلام مهدي بلوچ) مذهب مٽائي مسلمان ٿيندڙ ناري مڙس پاران تشدد جو نشانو بڻجڻ بعد پريس ڪلب آڏو روئيندي رهي، سندس جو چوڻ هو ته راشد انصاري مونکي عيسائي مذهب مٽرائي مسلمان ڪيو ۽ هاڻي تشدد جو نشانو پيو بڻائي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو داهيندي مناهل راشد عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پهريون مڙس نشئي هيو جيڪو ڇڏي هليو ويو جنهن سبب راشد اسلام جا درس ڏئي احساس ڏياريندو هيو، جنهن بعد مونکي هن سان پيار ٿي ويو ۽ هن جي چوڻ ۾ اچي مان اسلام قبول ڪيو. هن جو چوڻ هو ته راشد ۽ سندس ڀائر ڪڏهن به مونکي ماري سگهن ٿا، هن چيو ته ﷲ والا ٽائون ۾ رهندي آهيان، پنهنجي مڙس راشد محمود انصاري کي اگر ڪجهه چوندي آهيان ته مار ڏيندو آهي، راشد ۽ هن جي ڀاءُ مون تي تشدد ڪيو آهي، پوليس ۾ ويس ته پوليس اهلڪار ڪچيون گاريون پيا ڏين، ميڊيا جو چيو تڏهن ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو ويو.پي ايس ڪورنگي جي حد آهي جنهن جا پوليس اهلڪار اي ايس آء آفتاب ۽ ٻيا اهلڪار به هنن سان مليل آهن، مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.