انساني الميو: پيرسن عورت، ڌيءُ، ننهن، پوٽو، ڀائيٽيو، ڏوهٽو ۽ 2 ڏوهٽيون فوت!

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) سونڊا ڀرسان مليريا ۽ گيسٽرو سميت وبائي بيمارين وگھي ھڪ ئي خاندان جا 8 ڀاتين سميت ٻن ڳوٺن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ محمد جمن بڪيرو ۾ پيرسن جمن بڪيرو جي  گھرواري حڪيمان، ڌيءِ نوران، ڀائيٽيو نواز، ڏوهٽو زاھد، 2 ڏوھٽيون مھراڻ ۽ ثريا ۽ معصوم پوٽي سميت ھڪ ننھن فوت ٿي ويا آھن. جڏھن ته ڳوٺ ارباب ملوڪ جھرڪو ۾ پڻ 7 ڄڻا مليريا ۽ گيسٽرو بيمارين وگھي حياتيون وڃائي ويٺا آھن، جن ۾ چاڳي زال دودو، سڪينا زال حاجي ۽ ڪريمان زال الھبچايو، نوجوان عرس، جان محمد جون قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون آھن. جڏھن ته ڪيترائي ماڻھون مليريا سميت مختلف بيماري جي ور چڙھي ويا آھن، جن جون پڻ حياتيون خطري ۾ آھن. ھتان جي رھواسين اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.هوڏانهن ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻنھي ڳوٺن ڏانھن ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ 2 موبائيل سروس اسپتال جون گاڏيون روانيون ڪيون، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري چيو ته واقعو ڏکائيندڙ آھي، ڊي ايڇ او ٺٽو جي سربراھي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم مقرر ڪئي وئي آھي، متاثر ٻنھي ڳوٺن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ۽ مختيار ڪار ٺٽو کي پڻ نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم کي پابند ڪيو ويو آھي ته ڳوٺاڻن جو بھترين علاج ڪرڻ سان گڏ دوائون مفت ڏنيون وڃن، ٻنھي ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ سان گڏ ڳوٺاڻن کي مڇردانيون ڏنيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.