پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻو، 30 هزار اهلڪار طلب

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ يا ڌرڻي لاءِ صوبن کان پوليس، رينجرز ۽ ايف  سي جا 30 هزار اهلڪار گهري ورتا. ذريعن موجب پنجاب پوليس کان ويهه هزار، ڪي پي کان پوليس جي چار هزار ۽ ڇهه هزار رينجرز جي نفري گهري وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس، ايف سي ۽ رينجرز کانسواءِ داخلي رستن تي ڪنٽينرز پڻ لڳايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف سي جا ٽي هزار اهلڪار اسلام آباد پهچي ويا آهن جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اڃا تائين نفري ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.