آرمي چيف مقرري تي سزايافته نوازشريف سان وزيراعظم جي مشاورت حلف جي ڀڃڪڙي آهي: عمران

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي ڏوهاري نواز شريف سان وزيراعظم صلاح مشورو ڪري حلف جو ڀڃڪڙي ڪئي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم جي حلف نامي جي ڪاپي ٽوئيٽي تي شيئر ڪندي لکيو ته رياستي معاملن تي سزا يافته نواز شريف سان مشاورت حلف ۽ سيڪرٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي، هوڏانهن عمران خان چيو ته نااهل ٽولي معاشي استحڪام جي ساڍن ٽن سالن جي محنت هفتن ۾ برباد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي صدارت ۾ پارٽي جي سينئر قيادت ۽ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شوڪت ترين جي سربراهي ۾ خاص ٽيم قائم ڪئي وئي، عمران خان چيو ته چڱي ڀلي مستحڪم ۽ ترقي ڪندڙ معيشت کي ٻاهرين سازش ذريعي تباهي ڪناري پهچايو ويو، ملڪ کي معاشي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو واحد رستو صاف شفاف فوري چونڊون آهن، هن چيو ته عوام بدترين مهانگائي، بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي ور چڙهيل آهي، تحريڪ انصاف معيشت جي بحالي جو مڪمل روڊ ميپ تيار ڪندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.