نواز شريف اثاثا خريد ڪيا ۽ لِڪايا، مريم نواز مدد ڪيئن ڪئي؟ ثابت ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف درخواست تي نيب کي مريم نواز کان اڳ نواز شريف تي ڏوهه ثابت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽  جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ ڪئي. ٻڌڻي جي منڍ ۾ نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو عدالتي فيصلو پڙهي ٻڌايو. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف جي اپيل ميرٽ تي نه غير حاضري سبب خارج ڪئي وئي هئي، مريم نواز جي اپيل ميرٽ تي ٻڌنداسين، هن پنهنجو ڪيس ٺاهيو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ ڪهڙي قانوني خامي آهي؟ نيب کي ان جو دفاع ڪرڻو آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته نيب چئي ٿو نواز شريف 1993 ۾ اثاثا خريد ڪيا ۽ لڪايا، پوءِ شاهدين سان ئي ثابت ڪرڻو آهي ته مريم نواز پنهنجي پيءَ جي مدد ڪيئن ڪئي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اسان اهو ٽريڪ ڪليئر ڪري رهيا آهيون، جنهن تي توهان کي اڳتي وڃڻو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف ۽ سندس ٻار اتي رهي رهيا هئا، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان في الحال ملڪيت کي نواز شريف سان لنڪ ڪري ڇڏيو، هتي ته اڌ پاڪستان ٻين جي گهرن ۾ رهي پيو، اڳ ۾ اهو سمجهايو ته 1993 ۾ نيلسن ۽ نيسڪول جو نواز شريف سان ڪهڙو واسطو هو؟ ان کان وڌيڪ آسان ٻولي ۾ نيب کان سوال نٿا ڪري سگهون. عدالت جي سوالن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان جي اڄ لاءِ بس ٿي وئي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا نواز شريف ڪٿي به چيو هو ته اها ملڪيت ان جي آهي؟ ان تي مريم نواز جي وڪيل چيو ته نواز شريف ڪنهن به فورم تي نه چيو ته ملڪيت ان جي آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته اهو به ٻڌايو ته ڇا اپارٽمينٽس خريدڻ لاءِ ادائيگي نواز شريف ڪئي؟ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.