ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ 30 لک ڊالر امداد جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ  پاڪستان حڪومت جي ٻوڏ متاثرن ۽ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ هنگامي امدادي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ خوراڪ جي سامان، خيمن ۽ ٻين امدادي سامان جي فوري خريداري لاءِ فنڊ فراهم ڪئي ويندي. رقم سان ٻوڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئي ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.