سڀني تي عذاريءَ جو الزام نه هڻو، نالا کڻو، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود عمران تي ڪڙڪي پيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ)  تحريڪ انصاف ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، خاص طور عمران خان جڏهن طعنو ڏنو ته ڪجهه اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ سان ملاقاتون  ڪري رهيا آهن، انهن غدارن جي مڪمل  ڄاڻ  آهي ڪير به  مون کي باءِ پاس  ڪرڻ جي  ڪوشش نه ڪري.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ان دوران پرويز خٽڪ  ڪاوڙ ۾ڳاڙهو ٿي ويو ۽ عمران کي چيو ته غداريءَ  جا الزام هڻڻ بند ڪيو يا نالا کڻي نشاندهي ڪيو ڇو ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان مان ئي ملندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي خواهش  تي نه پر اوهان جي چوڻ تي اوهان جو پيغام کڻي ويندو آهيان موٽ ۾ جيڪو جواب ملندو آهي اهو توهان تائين پهچائيندو آهيان مهرباني ڪري نالا کڻي الزام  هڻون ان دوران شاهه  محمود قريشي به ڀڙڪي اٿيو ۽  چيو ته آءُ به اسٽيبلشمينٽ سان اوهان جي چوڻ تي رابطي ۾ رهيو آهيان جڏهن اوهان منع ڪئي  ان بعد ڪوبه رابطو  نه آهي.

اوهان کي کري ۽ کوٽي ۾ فرق ڪرڻ گهرجي جنرل ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، اعتماد ڪرڻ سکو ائين نه ٿئي جو اڪيلا  رهجي وڃو. ان دوران عمران خان ماحول کي گرم ڏسي وضاحت ڪئي ته بلڪل اوهان ٻئي ته منهنجي چوڻ تي اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ رهيا آهيو، منهنجو اشارو انهن ڏانهن آهي جيڪي بنا اجازت ۽ ٻڌائڻ جي اسٽيبلشمينٽ  سان پنهنجي طور تي  وڃي ملاقاتون ڪري رهيا آهن جيڪا  غلط ڳالهه آهي ۽ پارٽي پاليسيءَ  جي به خلاف آهي، انهن لاءِ پيغام آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ذاتي سطح جا رابطا ۽ لاڳاپا ختم ڪن، گڏجاڻيءَ  جي اندروني ڪهاڻي ٻڌائيندڙ  جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي اڳواڻن جا منهن لٿل هئا، لڳي ٿو ته  پارٽي ۾ ڏڦيڙ پوڻ وارو آهي، ڇو ته ڪجه اڳواڻ عمران جي آمريت مان بيزار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.