عمران ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف وزيراعظم مقرر ڪندو: فضل الرحمان

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ صدر پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جنهن طريقي سان آرمي چيف کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪا ملاقات به ٿي آهي ته اهڙي ڳالهه منهنجي علم ۾ ناهي جيڪڏهن ٿي به آهي ته ان جو مطلب اها ملاقات بنا نتيجي جي ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي جي مدرسه جامعه اشاعت القرآن والحديث ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو عمران خان ختم ٿي چڪو ۽ ان جي سياست مٽجي چڪي اسان کانئنس نه ٿا ڊڄون ۽ نه ئي عمران خان کي اِهو حق ٿا ڏيڻ چاهيون ته هو آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪري آءُ عمران خان کي واضع ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته عمران خان ڀلي لک ڀيرا رڙيون ڪري رڙي ۽ تڙپي جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿس ڪري پر جيڪو ٿيندو اهو آئين موجب ٿيندو هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي سياست کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ۽ نواز شريف کي ڪيترا ڀيرا اقتدار مان الڳ ڪري جيلن ۾ وجهي شهباز شريف توڙي ان جي خاندان کي به جيلن ۾ وڌو ويو ان وقت اقوام متحده کي ڪجهه به احساس نه ٿيو پر جڏهن عمران خان خلاف ڪاروائي ٿي ته اهي ڳڻتي ۾ ڇو مبتلا ٿي ويا ۽ اسرائيل چئنلن عمران خان خلاف ڪاروائين تي ڇو ڳڻتي جو اظهار ڪيو هن چيو ته ٽين جنس بابت قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي بابت هن چيو ته هي اڄوڪو معاملو ناهي جيئن ڪيترائي قانون چوري ۽ لڪي خاموشي سان ڪورم پورو به نه هجي ۽ موڪلن جا ڏهاڙا ايندا هجن يا جمعي جو ڏينهن هجي اهي قانون پرائيوٽ نمبر سان پيش ڪيا ويندا ۽ پوءِ انهن کي پاس ڪيو ويندو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هاڻي جيڪو معاملو هاڻي سامهون اچي رهيو آهي اهو نه صرف قرآن ۽ سنت جي مخالفت پر بلڪل بغاوت جي صورت آهي هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جون جيڪي تباهه ڪاريون سامهون آيون آهن ان ۾ سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هوڏانهن مولانا فضل الرحمان، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، علامه ناصر محمود سومرو، طارق خان بلوچ ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻي، دادو ميهڙ، نصيرآباد، قمبر، شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، ٺل، شڪارپور، سکر سميت ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.