صالح پٽ ۽ روهڙي کي ملائيندڙ پل نه ٺهي، گاڏين جو اچڻ وڃڻ بند

صالح پٽ ( ن ع آ  ) صالح پٽ ۽ روهڙي کي ملائيندڙ مين روڊ تي ڳوٺ بخاري فارم وٽ سم نالي مٿان ٺاهيل پل بارشن جي پاڻي جي وهڪري  جي ڪري  لڙهي وڃڻ کانپوءِ 10 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پل ٺهي نه سگهي آهي، جنهن ڪري مين روڊ سان ٽرانسپورٽ مڪمل طور بند پيل آهي، رستو بحال نه ٿيڻ ڪري هزارين ڳوٺ روهڙي ۽ سکر کان ڪٽيل آهن، جڏهن ته پوري تعلقي صالح پٽ جو  ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويو آهي، زراعت جي لحاظ سان تعلقو صالح پٽ سکر ضلعي کي وڌ کان وڌ روينيو ڏيندڙ تعلقو آهي، جنهن ۾ 17 ڪاٽن فيڪٽريون ۽ آئل ملز ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ ڦٽين جي هلندڙ سيزن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ٻين صوبن کان لکين مڻ ڦٽي خريد ڪئي ويندي آهي ۽ ڦٽي کي صاف ڪري ڪپهه, ٻج ۽ تيل ٻين ضلعن ۽ صوبن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي ليڪن مين روڊ ڪٽيل هجڻ ڪري ٽريڪٽر، ٽرڪ، ٽرالر وغيره اچي وڃي نٿا سگهن، جنهن ڪري ڪاٽن فيڪٽرين جو ڪاروبار  ۽ شھر  جو ڪارو بار سخت متاثر ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.