ڊگهڙي ۾ قدرتي لنگهن تان قبضا هٽائڻ لاءِ احتجاجي ريلي

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ۾پاڻي جي قدرتي لنگهن تان قبضا هٽائڻ لاءِ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي  ڪارڪنن ضلعي آرگنائيزر امير بخش جروار، نور محمد خاصخيلي، رازق جروار، جوش جروار، خير محمد چانڊيو، مرتضي چانڊيو ۽ ميهار ڀيل جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا پريس ڪلب پهتي. ، جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن هٿن سان سنڌ کي ٻوڙيو آهي ته جيئن عوام کي ٻوڙي هو پنهنجون عياشيون ڪري سگهن، هنن چيو ته پراڻ ۽ هاڪڙو سميت سمورن قدرتي لنگهن تي قبضا هئڻ ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽون وڌل آهن، ڀوتارن پنهنجون زمينون ۽ فارم هائوس بچائڻ لاءِ لنگهھ بند ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جا برسات متاثر هن وقت کليل آسمان هيٺ روڊن ۽ رستن جي ڪنارن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، سرڪار سندن ڪا به سهائتا ناهي ڪئي، مسڪين ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته  جيڪڏهن ڊگهڙي تعلقي جي انتظاميه برسات متاثرن جي واهر نه ڪئي ته اسان برسات متاثرن سان گڏجي عدالت جو درکڙڪائينداسين ۽ سخت احتجاج پڻ ڪيو ويندو.هنن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ زيرو پوائينٽ تي لڳل ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ان سان گڏ مطالبو ٿي ڪري ته پاڻي جي قدرتي لنگهن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي برسات متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.