قمبر ۾ ٻوڏ کان پوءِ سرڪاري اسڪول کلڻ شروع

قمبر (ت ر) قمبر ۾ ٻوڏ کان پوءِ سرڪاري اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا. قمبر شهر جي ڳوٺ الهه ڏنو تنيو، شريفاڻي، علي خان جي اسڪول  سميت ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تدريسي عمل جاري ٿي ويو. ان سلسلي ۾ تعلقي ايجوڪيشن ميل آفيسر بشير چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته برسات کان پوءِ تعليم جي بحالي لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪري قمبر تعلقي ۾ 73  اسڪول کولرايا ويا آهن جڏهن ته برسات کان پوءِ 117 اسڪولن جون عمارتون زبون حال ٿي ويون آهن، ڪيترن اسڪولن ۾ ٻارن کي پٽ ۽ وڻن هيٺان ويهاري تعليم جاري رکون ٿا جڏهن ته تمام گهڻن اسڪولن جو فرنيچر پکا ۽ بجلي جو سامان سڙي ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي ڏينهن رات ڪوشش آهي ته جيڪي بند پيل اسڪول آهن ۽ جتي اسڪولن ۾ بلڊنگ ۽ فرنيچر جون سهولتون ناهن اتي متبادل رستو اختيار ڪري تدريسي عمل جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.