سڪرنڊ جي ٽينٽ سٽي، عورتن ۽ ٻارن جو علاج

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ۾ پاڪ آرمي پاران قائم ڪيل 200 ٽينٽن تي مشتمل ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرين لاءِ فري ميڊيڪل ڪئمپ  لڳائي وئي. جتي ڪئمپ ۾ رهندڙ برسات متاثرين عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن ڊاڪٽرن پاران طبي معائنو ڪرڻ بعد دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ايم ايس سڪرنڊ ڊاڪٽر نصير ميمڻ ٻڌايو ته پاڪ آرمي پاران قائم ڪئمپ ۾ اڄ خصوصي طور تي ڪئمپ لڳائي وئي آهي جتي 500 کان وڌيڪ برسات متاثرين کي دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي ڀان سعيد آباد واسڻ تازو ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت شبانه رنگ ٻڌايو ته مون ڪئمپ ۾ تازو ٻار کي جنم ڏنو آهي. ٻارڙي طبيعت ٻه ڏينهن اڳ ناساز هئي جنهن تي پاڪ آرمي جي جوانن پاران ريسڪيو ڪري نوابشاهه اسپتال ۾ علاج ڪرايو جنهن بعد ٻارڙو ٺيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.