شھداڪوٽ جو قمبر سان 35 ڏينهن بعد زميني رابطو بحال

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي وٽان) شھداڪوٽ جو قمبر ۽ لاڙڪاڻي سان 35 ڏينهن بعد زميني رابطو عارضي طور تي بحال ٿي ويو. برساتن  سبب رستا مڪمل طور ٻڏل ھئا جڏهن ته شھدادڪوٽ شھر توڙي آس پاس جي ڳوٺن کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ قمبر-شھدادڪوٽ روڊ وٽ قائم پوليس چوڪي ۽ ڳوٺ شاھي وٽان ڪٽ ڏنا ھئا جڏهن ته ھاڻي پاڻي ۾ لاٿ اچڻ ڪري 35 ڏينهن گذري وڃڻ بعد ڪالھه ٻئي ڪٽ بند ڪيا ويا ۽ ننڍي ٽريفڪ کي اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ھوڏانھن شھدادڪوٽ جو قمبر ۽ لاڙڪاڻي سان زميني رابطو بحال ٿيڻ تي شھرين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.