ميروخان ۾ واھر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثر سراپا احتجاج

ميروخان (ن ع آ) ميروخان شھر جي بروھي محلي جي رھواسي ٻوڏ متاثرن امدادي راشن، ٽينٽ نه ملڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف عرضي ڀٽو  چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب مختلف شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ 2 ڪلاڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي بشير بروھي، لطف بروھي، عبدالحميد، ھمت علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو  ته برساتن ۾ اسان جا گهر ڊهي پيا، فصل ٻڏي ويا، محلي اندر 3 فٽن تائين پاڻي بيٺل آھي، سدائين پ پ کي ووٽ ڪيو آھي. ، ڪيترائي ڀيرا پ پ ضلعي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ۽ وارڊ ھڪ جي جنرل ڪائونسلر حاجي حزب الله گوپانگ وٽ راشن ۽ محلي ۾ بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ويا آھيون پر ھو راشن ڏيڻ ۽ پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ تيار ئي ناھن، رڳو آسرا ۽ دلاسا ڏنا پيا وڃن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پ پ ضلعي صدر حاجي قمر الدين گوپانگ جي پٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر عامر گوپانگ ٻڌايو ته سازش تحت پيپلز پارٽي خلاف منظم نموني سان برسات متاثرن جي آڙ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، ھن وقت تائين ميروخان سٽي لاءِ امدادي راشن نه مليو آھي، باقي يونين ڪائونسلن لاءِ جيڪو به راشن مليو ھو، اھو ورھائي رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.