ڪشمور ضلعو ٻڏل، گيسٽرو ۽ مليريا جو زور، هر گهر ۾ 4 ڀاتي بيمار

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪشمور ضلعي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري گيسٽرو، مليريا، ڊينگي ۽ چمڙي جون بيماريون پکڙجي ويون آهن.  صحت کاتي پاران ڪنهن به قسم جا اُپاءُ نه ورتا ويا آهن  جڏهن ته ضلعي انتظاميا به مڇر مار ڦوهارو ۽ پاڻي نيڪال ڪرائي نه سگهي آهي.هوڏانهن ڪشمور ضلعي ۾ هر گهر اندر 3 کان 4 ڀاتي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾دوائن جي کوٽ سامھون اچي رھي آهي، بيمارين ۾ واڌ بعد شھر جي ميڊيڪل اسٽورن تي به دوائون بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن ميڊيڪل اسٽور مالڪن جو اھو به مؤقف سامھون آيو آهي ته اسان کي اھي دوائون به بليڪ تي ملن ٿيون، مجبورن روزگار خاطر وٺون پيا. ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل زاھد شاهه، رئيس منور ڀٽو،غلام مصطفيٰ ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي، ڪامريڊ عباس، بشير ميراڻي، شاھنواز مرھيٽو ۽ ٻين چيو آهي ته برسات جي مصيبت بعد اسان جي شھر ۽ ٻھراڙي ۾ بيمارين جو آزار پيدا ٿيو آهي، گھر گھر مريض پيل آهن، خاص ڪري ٻارن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا ٿي وئي آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي بيمارين کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.