اڪري چودڳي ۾ پورهيت جو ٻڏل گهر ۾ بيهي احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري جي ڳوٺ الله بخش شر واسي ڳوٺاڻي رياض شر ۽ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ برساتي ۽ واهھ کي لڳل گهاري جي پاڻي ۾ ٻڏل گهر ۾ بيهي معصوم  پٽ ساڻ ڪري دانهون ڪندي چيو ته اسان جا گهر ٻڏل آهن پر وڏيرا توهان کي احساس ناهي معصوم ٻارن عورتن سميت هڪ مهيني کان دربدر آهيون خدا جي واسطي ڳوٺ مان پاڻي ڪڍرايو جيئن سياري ۾ اسان پنهنجي گهرن ۾ ويهون سردي اسان جا ٻچا ڪيئن گذاريندا وڏيرا توهان جا ٻچا خوش آهن پر اسان جا ٻچا روڊن تي نٽهڻ اس پلاسٽڪ جي ترپالن ۾ ويٺل آهن رياض شر پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعلي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي گهرن مان پاڻي نيڪال ڪيو باقي پيٽ گذر اسان پاڻ ڪنداسين يوسي اڪري جي 15 هزار کان وڌيڪ آبادي آهي جنهن برسات ۽فيض گنج واھ گهاري لڳڻ سبب 80 سيڪڙو علائقي ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي ۽سرڪار توڙي تڪ جي چونڊيل اڻ چونڊيل نمائندن پاران متاثرين جي پاءُ اٽي جي مد ۾ به ڪا مدد ناهي ڪئي ويئي جنهن سبب يوسي اڪري واسي سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.