موري ۾ برسات متاثرن جي واهر لاءِ عوامي تحريڪ جو احتجاج

مورو ( ت ر ) موري ۾ عوامي تحريڪ طرفان ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ ۽ سنڌ جي دريائن واھن جا قدرتي لنگھه بحال نه ٿيڻ ۽ ڪڻڪ جا  ھٿرادو ريٽ وڌائڻ خلاف عوامي تحريڪ  مورو طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو،  جنھن جي اڳواڻي  صدر محمد اسماعيل عالماڻي، سيڪريٽري صدام حسين ڪلھوڙو، جاويد علي عالماڻي، سيد محمد علي شاھ، علي اڪبر سنگراھ، فقير محمد عالماڻي، سليم رضا ڀنگر، نديم ڪلھوڙو، فريد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  قدرتي لنگهه بند ڪري سڄي سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي، هاڻي ته ڪڻڪ اگهه به وڌائي ڇڏيا آهن مسڪين ماڻھن کان ٻن ويلن جي ماني جو گرھ به کسيو ويو آھي، ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪري انھن ۾ ٻاھرين ملڪن مان آيل راشن ۽ ٽينٽ تقسيم ڪيا وڃن واھن جا قدرتي لنگھه  بحال ڪري پاڻي نيڪال ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.