سلطان ڪوٽ ۽ همايون جي اسڪولن ۾برساتي پاڻي بيٺل

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) شڪارپور ضلعي ۾ برساتن سبب سلطان ڪوٽ ۽ همايون جي مختلف اسڪولن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ نه وري  اسڪولي عمارتن جي مرمت ڪئي وئي.سلطان ڪوٽ گورنمينٽ بوائر پرائمري اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري تدريسي عمل سخت متاثر  ٿي ويو آهي جڏهن ته همايون گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ به برسات جو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري تدريسي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول جي استادن هيڊ ماستر عبدالقدوس ڪٽبر، سراج پٺاڻ، سمير ڪٽبر، شهاب الدين پٺاڻ، عبدالوهاب سڌايو، منظور احمد ڪٽو، آغا عرفان احمد پٺاڻ ۽ عبدالنبي چنو جو چوڻ هو ته برساتن سبب اسڪول جون ڇتيون ٽمڻ لڳيون آهن، عمارتون زبون حالي جو شڪار ٿي چڪيون آهن، برسات جو بيٺل پاڻي به اسڪولن مان نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.