ماروئڙا ڳوٺ ۾ترسيل ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ طبي ڪيمپ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ماروئڙا ڳوٺ جي بوائز  پرائمري اسڪول۾ چمڙي جي بيمارين لاءِ  سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن طرفان ميڊيڪل ڪئمپ پروفيسر اعجاز قريشي، غلام اڪبر ملڪ، اشرف ڪهاوڙ، سراج ڀٽو، شبير ميمڻ، نور حسن ۽ ٻين طرفان لڳائي وئي، ان موقعي تي صحافي رزاق عاصي، ماجد سمون، ايڊمنسٽيٽر ڪو آپريٽر هائوسنگ سوسائٽي غلام شبير ناريجو، سماجي اڳواڻ سليم شيخ ۽ ٻيا موجود هئا. ، جڏهن ته چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر انيتا قاضي،  ڊاڪٽر نوشابه قريشي، ڊاڪٽر شرمين، گائني جنرل فزيشن ڊاڪٽر رابيل قريشي، ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر صدف شيخ ۽ ڊاڪٽر ارم سميت ڊاڪٽرن جي ٽيم مريضن کي تپاسڻ بعد انهن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون،  ان موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌ ۾ برساتي بوڏ وڏي تباهي آندي آهي، سنڌ جي هر ضلعي جو ننڍو وڏو ڳوٺ ۽ شهر پاڻي هيٺ آهن،  ڊاڪٽر انيتا قاضي چيو ته موجود وقت متاثر ماڻهن خاص طور ٻارن، عورتن ۽ پيرسن ماڻهن کي علاج جي ضرورت آهي، اسان جي ٽيم  سگا جي سهڪاري بڻجي ماڻهن کي علاج جون سهولتون ڏئي رهي آهي، اسين ان ڪمپنين ۽ سرندي وارن جا به ٿورائتا آهيون جيڪي سگا ۽ اسان جي ٽيم کي دوائون ڏئي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.