ساماري ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

سامارو (ن ع آ) ساماري ۾ ديهھ ڇڇ ۽ 207 اي جي 30  ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف الهڏتو کوسو، سونو خان، متارو کوسو، رزاق خاصخيلي، رمضان کوسو،رحيم کوسو، اسماعيل کوسو، ٻڍو کوسو، پوڙهو، اسحاق کوسو، مينهل، عابد قائمخاني ۽ اشرف قائمخاني ڳوٺن جي رهواسين اسحاق، بلاول کوسو،شير محمد، ڀٽو کوسو ۽ سومار کوسو  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مٺڙائو ڪئنال جي کاڻي موري تي ڌرڻو هنيو. متاثرن  ميڊيا آڏو دانهيو  ته برساتن کي مهينو ٿي ويو آهي، اسان جا 40  ڳوٺ ٻڏل آھن، گهرن ۾8 فٽن تائين پاڻي بيٺل آھي،سوين ڪچا گهر ڊهي ويا آھن، ڪنهن به قسم جي  واهر نه ٿي آهي، تپيدار اسان جي ديھن  کي سروي ۾ شامل نه ڪيو  آھي.هنن چيو ته ٽيمون موڪلي واهر ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.