خانپور مهر لڳ برسات متاثرن کي سهولتون نه ڏيڻ عدالت ۾ پٽيشن

خانپورمهر / ڏهرڪي (  نمائندن وٽان ) ڏهرڪي سماجي اڳوڻ ۽ تعلقي بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ غلام رسول مھر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن سبب پنجن ئي تعلقن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، هزارين ايڪڙ زمين جو ڦٽي  ڪمند ڪيلي جو فصل تباهه ٿيو ويو، متاثرين جو مال مري ويو آهي،  مليريا  ۽ هيپاٽائٽس جي بيمارين ڪر کنيو آهي متاثرين هن وقت به ٽينٽ سٽي ۽ روڊن رستن تي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر ، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي، اي ڊي او ھيلٿ گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ آفيسر لائيو اسٽاڪ گهوٽڪي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏھرڪي ۽ مختيار ڏھرڪي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. جڏھن ته ايڊوڪيٽ غلام رسول مھر جي درخواست تي ھائي ڪورٽ سکر سڀاڻي تاريخ 21،09،2022 تي مٿيان ذڪر ڪيل آفيسرن کي رڪارڊ سميت گهرائي ورتو آھي، ايڊوڪيٽ غلام رسول ميڊيا اڳيان ڳالھائيندي چيو آھي ته شھر جي صفائي ۽ برسات متاثرن جو فنڊ ھڙپ ڪندڙن ۽ شھر ۾ مليريا کان بچاءِ جو اسپري نه ڪرائيندڙ آفيسر سان ڪنھن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.