عمرڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا لاءِ سماجي تنظيمون سرگرم

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ سماجي اڳواڻ ۽ نھال مڪواڻا ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضلعي جي ڇاڇرو روڊ رتنور روڊ سميت ٻين مختلف ھنڌن تي پنھنجي مدد پاڻ طور ڇاپرا ۽ جھوپڙيون اڏي ويٺل مستحق ماڻھن جي مدد لاءِ سرگرم ٿيل آھن. نھال مڪواڻا طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ھدايتن تي ڪئمپ قائم ڪري ماني، برياني پاڻي ۽ صحت جو سهولتون فراھم ڪيون پيون وڃن.ان موقعي تي گوتم بيراڻي، آتم راٺوڙ، موهن لال ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ اسان سڀني سنڌين کي گهرجي ته پنهنجي وس آهر پنهنجي سنڌي ڀائرن جي وڌ کان وڌ مدد ڪريون جهڙوڪ انهن کي راشن، ٻارن لاءِ بسڪيٽ، مڇرن کان بچاءُ جو لوشن، مهاريون ۽ روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ تمام ضروري شيون وغيره انهن تائين پڄايون ته جيئن اسان جا ٻوڏ متاثر ڀائر ڪنهن مشڪل گھڙي مان نڪري سگھن، جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجن واپس گھرن ڏانهن نه ٿا موٽن تيستائين اسان جو جھڙو حال آهي ڏينهن رات خدمت ڪندا رهنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.