سنڌ ۾ وبائي بيماريون پکڙجي ويون، ادارا ڪو ڪم نٿا ڪن: سڀاني ڏاھري

حيدرآباد (پ_ر) ملڪ جي حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب وبائي بيمارين ۾ تيزي آئي آهي. سنڌ توڙي وفاق قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ جيڪي ادارا قائم ڪيا آھن سي عوام جي ٽيڪس مان پگهارون کڻڻ ۽ ڪرپشن ڪري ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ امداد ھڙپ ڪرڻ کانسواءِ ڪو بھ ڪم نٿا ڪن. اين ڊي ايم اي  ۽ ٻيا وفاقي ادارا ڄڻ تھ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويا آھن جو ڳولھيا نٿا لڀن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، مرڪزي سينئر نائب صدر عمرہ سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماھ نور ملاح پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي اڳواڻن چيو آهي ته  برسات ۽ ٻوڏ کان بچي ويل ماڻهن جون زندگيون هاڻي وبائي بيمارين تيزي سان کائڻ شروع ڪيون آهن. ڪيمپن توڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.سنڌ حڪومت ماڻهن جي واهر ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن ڪوڙا بيان جاري  ڪرڻ ۾ پوري آهي. ماڻهو مکين وانگر مري رهيا آهن. پر ڪٿي ڪنهن ڪيمپ توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهن کي سرڪار طرفان ڪو به ٽڪي ڦوٽو نٿو ملي. ڪي اين شاه ۾ هڪ رات جي پيٽ ۾ بيماري وگهي 7 ماڻھو فوت ٿيا بيماريون وبائي صورتحال اختيار ڪري ويون آهن صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او  جي رپورٽ مطابق ھن وقت سنڌ ۾ 24 لکن کان وڌيڪ ماڻھو وبائي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويل آھن جن ۾ 7 لک ڳورھاريون عورتون غذا جي ڪمي ۾ مبتلا آھن، 8 لک ماڻھو گيسٽرو، 7 لک چمڙي جي بيماري  ۽ 3 ھزار ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.