سيوهڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي کي ڪٽ، پاڻي دريا ۾ ڇوڙ

سيوھڻ (ن ع آ) منڇر جو پاڻي درياهه ۾ تيزي سان خارج نه ٿيڻ وارو مامري بعد ڳوٺاڻن جي احتجاج رنگ لاٿو آهي آبپاشي کاتي پاران ڪالھ سيوھڻ دادو انڊس ھائي وي جي ڊبل روڊ کي سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ بچل چنا وٽان ڪٽ ڏنو ويو آهي آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او عبدلڪريم ٻٻر جي موجودگي ۾ ڪرين مشين ذريعي روڊ کي 30 فٽ ڪٽ ڏنو ويو ۽ روڊ کي ڪٽ لڳڻ بعد منڇر جي ٻوڏ جو پاڻي تيزي سان درياه ڏي وڌڻ لڳو آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته سيوھڻ جي 7 يوسين جي 5 سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 8 کان 10 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيھڻ ڪري انڊس ھاء وي کي ڪٽ ڏنو ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي اھڙي عمل بعد عوام ۾ سرھائي ٿي وئي آھي ۽ ان موقعي تي ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير کان  مطالبو ڪيو ته ريلوي ٽريڪ کي پڻ جلد ڪٽ لڳايو وڃي ته جيئن ٻوڏ جي پاڻي وڌيڪ تيزي سان نيڪال ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.