سوڀي ديري ۾ برسات متاثرن جو مختيارڪار آفيس آڏو ڌرڻو

سوڀو ديرو (ن ع آ) مختيار ڪار آفيس سوڀي ديري ۾ سوين برسات ماثرين جو احتجاجي ڌرڻو ـ صبح يارھين بجي کان رات دير تائين جاري آهي، ڌرڻي ۾ يوسي ڀونڀٽ پور ۽ ٽائون ڪاميٽي سوڀوديرو جي متاثرين  بشير حسين سھتو، نديم سامٽيو، لياقت گلال، موسن منگي، طالب سومرو، نورالدين، حاڪم منگي، غوٽ بخش شنباڻي، غلام رسول گاڏھي، محمد حسن سيال، ساجد ڀاڳت، سجاد ڀاڳت، منير ڪلھوڙو، اربيلو ماڙيچو، ماجد گوپانگ، نظر گاڏھي، وائيس چئيرمين سرور سامٽيو سميت عورتون  بزرگ ۽ ننڍڙن ٻارڙن سميت سوين ماڻهو ڌرڻي ۾ ويٺل آهن، ھنن جو چوڻ آهي ته اسان کي ھن وقت تائين ڪنهن به قسم جي مدد ڪو نه ٿي آهي جنهن ڪري مجبور ٿي اسان ڌرڻي تي ويٺل آھيون جيستائين اسان جا مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.