ڏوڪري لڳ برسات متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي، واهر نه ٿيڻ تي دانهون

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (چانورن جي تحقيقاتي اداري) فارم ڏوڪري ۾ يو اين او جي اختيارين پاران 100 کان وڌيڪ خاندانن جي رهائش لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي، ٽينٽ سٽي ۾ تعلقي ڏوڪري جا سوين مرد، عورتون توڙي معصوم ٻارڙن کي رهايو ويو آهي، ان ڏس ۾ ٽينٽ سٽي ۾ رهائش پذير برسات متاثرن چيو ته اسان کي ٽينٽ سٽي ۾ ويھه 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميه توڙي تعلقي انتظاميه ڪا به مدد نه ڪئي،  اسان کي صرف ٻه ويلا پٽاٽن ۾ ڀت کارايو وڃي ٿو اسان جا معصوم ٻارڙا بجليءَ نه هئڻ سبب خارش، مليريا، گيسٽرو توڙي ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن برسات متاثرن عورتن جو چوڻ هو ته اسان جا گهر برسات پوڻ سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ برساتن سبب فصل پڻ تباھ ٿي ويا آهن اسان جي هن وقت ڪنهن به سار نه لڌي آهي اسين  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ اسان کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن ته جيئن اسين واپس پنهنجي گهرن ۾ وڃي پنهنجن ٻچڙن کي تعليم ڏياري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.