نصيرآباد جي يوسي ڌامراھ جا اڪثر ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏل

نصيرآباد (رپورٽ:بشير بروھي) نصيرآباد جي يوسي ڌامراھ جا اڪثر ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ڳوٺ سائين داد کوکر جا 50 کان مٿي گھر برساتن سبب ڪري پيا، ساريالو فصل تباھ ٿي ويو، چئوطرف برساتي پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري وبائي بيماريون پکڙجي ويون آھن، ڪيترائي ڳوٺاڻا مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. متاثر ڳوٺاڻن موجب سخت مشڪلاتن باوجود سرڪار توڙي اين جي اوز وارن وساري ڇڏيو، يوسي چيئرمين سميت چونڊيل نمائندا پڻ راشن ۽ ٽينٽ من پسندن ۾ ورهائي رھيا آھن، ھن وقت ڳوٺاڻا بک بدحالي جو شڪار آھن. ان سلسلي ۾ صحافين آڏو دانھيندي ڳوٺاڻن رمضان بروھي، سعيد قلندراڻي، پيرل قلندراڻي، لطف الله بروھي، وزير بروھي، اصغر بروھي، اڪبر بروھي ۽ ٻين چيو تـ اسان جا ٻچڙا ھڪ ويلي جي ماني لاءِ تڙپن ٿا، اسان وٽ جيڪو ڪجهھ هو، برسات ۾ تباھ ٿي چڪو آھي. ھنن چيو تـ چيئرمين اسان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيڻ لاءِ تيار نـ آھي، اسان مختيارڪار وٽ ڪيترائي ڀيرا ويا آھيون پر اتان بـ اسان کي خالي دلاسن کان ڪجهھ بـ ناھي مليو ھنن چيو تـ اسان جي ڪريل جڳھن ۽ فصلن جي ٿيل نقصان جي سروي لاءِ ڪير نه ٿو اچي، اسان بي يارومددگار آھيون، خدارا اسان جي ۽ اسان جي ٻچڙن جي حال تي رحم کائو، اسان کي راشن ٽينٽ ڏياري ڳوٺ ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي ٻچڙن جو علاج ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.