فريد آباد مان پاڻي ۾ ترندي لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي ۽ ستابو ماڇي جي وچ تي گذريل ڏينھن ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ناھي ٿي ، ٻوڏ جي پاڻي ۾ نامعلوم 50 سالا شخص جو لاش هٿ آيو ھيو جيڪو وڻ جي ڀرسان پاڻي ۾ ترندي نظر آيو گذريل ڏينھن علائقي واسي لاش ڏسڻ کان پوء فريدآباد پوليس کي اطلاع ڏنو ھيو پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ ناھي پھتي جنھن سبب لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھي ، پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناھي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.