گھوڙاٻاري ۾ فنڪارن جو وظيفو نه ملڻ خلاف احتجاج

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاھه ڀاڏائي ) پراڻو راڳي فنڪار سيد جان علي شاهه پيرو عرف پيرون ملاح راز رجب علي آڳرو ور  پريس ڪلب تي  دانھيندي چيو ته ثقافت کاتي ڪيترن ئي سالن کان وظيفو نه ڏنو جنھنڪري ھن مھانگائي واري دور ۾ راڳي فنڪار سخت مفلسي جو شڪار آھن سيد جان علي شاھه چيو ته ھو گڙدن جي بيماري ۾ وڪوڙجي ويو آھي جنھن سبب ھو راڳ رنگ محفلن جي پروگرامن ۾ ڳائڻ جو ڪابل نآھي رھيو، ھنن چيو فنڪارن جي زمين ۽ گزر سفر  راڳ تي آھي پر سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب سڄو نظام درھم برھم بڻجي ويو آھي  سنڌ ۾ ٿيندڙ شاديون ميلاکڙا راڳ رنگ محفلن جا پروگرام ٺپ  ٿيڻ ڪري سنڌ جا سوين راڳي فنڪار بي روزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي بک بدحالي جي ورچڙھي فاڪاڪشي جو شڪار ٿي ويا آھن ٻوڏ سبب فنڪارن جو گزر سفر مشڪل  بڻجي ويو  فنڪارن  ثقافت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي آھي ته کين بک بدحالي کان بچائڻ لاءِ ترت وظيفو جاري ڪري وڏي پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.