ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر هڪ جي پيپلزڪالوني سميت مختلف هنڌن تي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف رهواسين محفل ميرج لان حيدرآباد_بدين باء پاس روڊ  تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان ان موقعي تي مظاهرين خادم حسين چڍڙ،سيد مصطفي شاھ،سرواڻ مزاري،سيد ارشد علي شاھ ۽ ٻين چيو تہ ٽنڊوغلام حيدر ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب اڃا تائين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب سموري علائقي ۾ بدبوءُ سميت مڇرن جي عذاب ڪري ڪيترائي شهري مليريا ۽ گيسٽرو جهڙين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن،هنن چيو تہ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان تعلقي انتظاميا کي بار بار دانهيو ويو پر اڃا تائين وڏي عذابن ۾ آھيون،هوڏانهن اڌ ڪلاڪ مک باءِ پاس روڊ بند رهڻ بعد ٽنڊوغلام حيدر ايڊمنسٽريٽ زاهد حسين ڪولاچي پاران علائقن مان برساتي پاڻي جلد کان جلد نيڪال ڪرائڻ جي خاطري بعد مظاهرو ختم ڪرائي ٽريفڪ بحال ڪرائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.