کهڙا ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي بيٺل، احتجاج

کهڙا (ن ع آ)برسات کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود کهڙا ۽  ڀرپاسي مان برسات ۽ سم نالي جو گندو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي شهر جي چوڌاري 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب وبائي بيمارين ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي آهي، روڊ رستا بند هجڻ سبب نه صرف ڪاروباري سرگرميون معطل آهن پر ان سان گڏ بيمار اسپتالن تائين پهچي نه سگهن، هوڏانهن پپري پمپ اسٽيشن تي گمبٽ کهڙا پاڻي ڪاميٽي پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ مخدوم منصور احمد هاشمي، حاجي عبداللطيف شيخ، ڪامريڊ نثار ابڙو ،فوجي عبداللطيف ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو، هن احتجاجي ڌرڻي ۾ سوين مرد شهرين سان گڏ سماجي اڳواڻ تهمينا خلجي جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون پڻ شريڪ ٿيون، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين کهڙا، گمبٽ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پاڻي موجود آهي تيستائين اسان نه هي ڌرڻو ختم ڪنداسين ۽ نه ئي آرام سان گهرن ۾ وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.