ٽنڊو آدم ۾ معمولي ڳالھه تان نوجوان تي بي رحماڻو تشدد

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم جي محمدي ڪالوني ۾ گهر اڳيان بيهڻ تي منع ڪرڻ تي ٻن جوابدارن جاويد ڪمبوھ ۽ غلام رسول ڪمبوھ راڊن / ۽ لوهي سرين سان گهر ڌڻي 20 ورهين جي شھمير پٽ گلشير راجپوت تي  بيرحماڻو تشدد ڪيو جنهن ۾ نوجوان جي اک به متاثر ٿي آھي نوجوان کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد روانو ڪيو ويو نوجوان جي والد جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي ٻن جوابدرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي  پوليس هڪ جوابدار جاويد ڪمبوھ کي گرفتار ڪري ورتو آھي متاثر ڌر وس وارن کان انصاف جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.