ملاڪاتيار ۾اسڪول کي عمارت نه ملي، ٻار جهوپڙي ۾ پڙهڻ لڳا

ملاڪاتيار (رپورٽ :ايم بچل سنڌي) يوسي سعيد متو جو ڳوٺ درياهه خان ملاح ۾ گذريل 26 سالن ۾ اسڪول جي عمارت ناھي ملي سگهي، ٻارڙا جهوپڙي نماء اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ڪچي ڪکاوان اسڪول ۾ پيئڻ پاڻي، واشروم سميت سهولتن جي کوٽ، ان ڏس ۾ يوسي سعيد متو جو ڳوٺ درياهه خان ملاح کي گذريل 26 سالن ۾ اسڪول جي عمارت ناھي ملي سگهي، ڳوٺاڻن پاران ٺهيل جهوپڙي ۾ ٻارڙا تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن يوسف ملاح، نظير، محمد خان ۽ ٻين چيو ته 1996 ۾ نالي ماتر اسڪول کليو 26 سال گذرڻ باوجود اسڪول جي عمارت ناھي ملي سگهي، ڪيترائي ڀيرا تڪ جي چونڊيل توڙي تعليمي اختيارين آڏو دانهيو آهي پر ڪير به ڌيان نٿو ڏي، اسان پنهنجي مدد پاڻ جهوپڙي ٺاهي آهي جنهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن، هنن ٻڌايو ته جهوپڙي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙا ٿڌ، گرمي، آس سبب بيمار ٿي پون ٿا، اسڪول ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻيءَ، واشروم، فرنيچر سميت ڪابه سهولتون ناهن ملي سگهيو، هنن وزير اعلي سنڌ، تعليم جي وزير سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول عمارت ڏني وڃي جئين ٻارڙا تعليم پرائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.